ڏاڙهياري جبل جو سير

ڏاڙهياري جبل جو سير

ڏاڙهياري جبل جو سير

ڏاڙهياري جبل جو سير (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري ليکڪ اديب مرزا قليچ بيگ جو سفرنامو آهي. “هيءُ سفرنامو سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف جي پهرئين بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته: 1885ع ۾ جڏهن آءٌ شڪارپور ضلعي جي نصيرآباد تعلقي جو مختيارڪار هوس، تڏهن ٻه ٽي ڀيرا ڏاڙهياري جبل تي ويو هوس. پهرين ڀيري جي ڊائري ۽ ٻيو متفرقو احوال بر وقت لکيو ويو. ٿورا ڏينهن ٿيندا، جو ڪاغذ اٿلائيندي اها ڊائري هٿ لڳي وئي ۽ احوال پڙهي گهڻي خوشي حاصل ٿي. ڏاڙهيارو جبل، سنڌ ۾ چڱي ۽ موافق هوا جي ڪري مشهور آهي. جتي وڏا يورپي آفيسر ايندا آهن.” هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرئين حصي ۾ ‘جبل جو سير '>ڏاڙهياري جبل جو سير ’ ۽ ٻئي حصي ۾ متفرقه احوال شامل آهن. 28 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي منشي پوڪرداس ٿانورداس، اسلامي پريس لاهور مان فيبروري 1900ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


لفظ ڏاڙهياري جبل جو سيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو